حاجي غلام نبي مهيسر

حاجي غلام نبي مهيسر

حاجي غلام نبي مهيسر

حاجي غلام نبي مهيسر: مشهور شاعر ۽ نعت خوان حاجي غلام نبي مهيسر، 1938ع ڌاري ڳوٺ ڀاڳي تيوڻي تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ والد جي وفات سبب سندس ناناڻن پالنا ڪئي. ڪجهه وقت مدرسي ۾ فارسي پڙهيائين، ٽي درجا سنڌي پڙهيو، غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. دڪان تي مزدوري ڪرڻ لڳو، جنهن دوران شعر چوڻ شروع ڪيائين، پر صحيح نموني سنڌي نه پڙهڻ سبب صورتخطيءَ جون غلطيون ٻين کان درست ڪرائيندو هو. هو بعد ۾ ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ لڏي آيو ۽ زندگيءَ جي آخري لمحن تائين اتي رهيو اڳتي هلي حاجي غلام نبي مهيسر نعت گوئيءَ ۾ وڏو ملڪو حاصل ڪيو، پوري سنڌ ۾ نعت گوئيءَ ۾ سندس مٽ مشڪل ملندو. مذهبي حلقي ۾ سندس ڪلام ايترو مقبول آهن، جو هر ديني محفل ۾ سندس مولود ۽ نعتون پڙهيون وينديون آهن. ديني مجلسن ۾ غلام نبي مهيسر في البديهه شعر ٺاهي، ماڻهن تي سوز گداز واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو. سندس شعر ڳائڻ جو به نرالو انداز هوندو هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دعوتن ۾ وڃي پنهنجي شعر ۽ آواز سان دلين کي گرمائيندو هو. حاجي غلام نبي مهيسر نعت سان گڏ مجازي، مزاحمتي، قومي ۽ مزاحيه شاعري به ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو رنگ عوامي هو ۽ اها سنڌ جي ناليوارن راڳين سرمد سنڌي، جلال چانڊئي، چاڪر چانڊئي، ممتاز لاشاري، فوزيا سومرو، گلاب راءِ، گلشير تيوڻي، روبينه حيدري، ابراهيم ڪڇي، مکڻي فقير، قاسم اوٺي، سڪندر سومري، سڄڻ سنڌي، شازيه خشڪ، غلام علي سنديلي، شمن علي ميرالي، ماستر منظور ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي.
حاجي غلام نبي مهيسر ڪيترا حج ڪيا، پهريون پيادل حج 1958ع ۾، ٻه سال 14 ڏينهن پيادل سفر ڪري ڪيائين، ان وقت سندس کيسي ۾ فقط 13 رپيا هئا. حاجي صاحب 5000 کان وڌيڪ شعر چيا، جن ۾ حمد، نعت، منقبت، قصيدا، ڪلام، ڪافيون، غزل ۽ گيت شامل آهن. سندس مولودن جو 500 کان وڌيڪ ڪئسٽون نڪتل آهن. سندس پهريون ڪتاب ’ثناءِ سرور ڪائنات‘ 1965ع ۾ ڇپيو، جنهن ڪتاب جا ساڳئـي نالـي سـان 46 ڀاڱا ڇپيا. ان کان سـواءِ سـندس ڇپيـل ڪـتابن ۾: (1) عقيدت جا گل، (2) پنج خدا جا گنج، (3) رنگي تنهنجا رنگ، (4) حقِ مدينه، (5) سونهن ۽ ساراهه، (6) محفل ۽ ميلاد وغيره شامل آهن.
سندس فرزند نصير مهيسر عرف نالي مٺو مهيسر به شاعر به نعت خوان آهي. حاجي غلام نبي مهيسر آخري عمر ۾ سنڌي ادب سنگت ميهڙ جو ميمبر رهيو.
هن عوامي شاعر 64 سالن جي عمر ۾ 26 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاجي غلام نبي مهيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2000.11.26  عيسوي

عوامي شاعر حاجي غلام نبي مهيسر 64 سالن جي عمر ۾ 26 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيراني اختر
اويڙ پلي
عبدالحميد شهيد
ٽالپر مير غلام علي خان غلام
سودائي سومرو
آندل فقير
سڪندر سرواڻ
دائم فقير
چيزل شاهه
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون